قدم گاهه زيارت

قدم گاهه (زيارت): حيدرآباد شھر ۾ ”قدم گاهه“ واري بارگاهه ٽالپورن جي دور حڪومت کان هڪ وڏي زيارتگاهه طور مشھور آهي. جتي حضرت علي عليه السلام جي قدمن مبارڪ جو پٿر رکيل آهي. اهو پٿر ايران جي حاڪم فتح علي شاهه قاچار سنڌ جي حاڪم مير غلام علي خان ٽالپور کي تحفي طور موڪليو هو. مير غلام علي خان ٽالپور قلعي ۾ اندر هڪ بارگاهه ٺھرائي، اهي قدم مبارڪ اتي نصب ڪيا، جن جي زيارت صرف مخصوص ماڻهو ڪري سگهندا هئا. جڏهن سنڌ جو آخري بادشاهه مير نصير خان سنڌ جو حاڪم ٿيو ته هن موجوده هنڌ تي هڪ عاليشان بارگاهه ٺھرائي قدم مبارڪ نصب ڪيا ته جيئن هر خاص و عام زيارت ڪري سگهي. قدم گاهه واري زيارتگاهه جو اصل وارث حيدرآباد جي شھداداڻي ٽالپور حاڪمن جو شھزادو مير حيدر علي خان ٽالپور (خاندان جو سربراهه) آهي. قدم گاهه واري زيارت بابت هزهائينس مير محمد حسين ٽالپر پنھنجي ڪتا ”يادرفتگان“ (قلمي) ۾ ڄاڻائي ٿو: سن 1783ع ۾ ڪلهوڙن جي حڪومت ختم ٿيڻ کانپوءِ سنڌ تي ٽالپور گهراڻي جي حڪومت قائم ٿي. ٽالپور حاڪمن جا ايران جي قاچاريه حاڪم فتح علي شاهه قاچار سان دوستاڻا تعلق هئا.
فاتح سنڌ مير فتح علي خان ٽالپور جي دؤر حڪومت ۾ سيد ثابت علي شاهه کي مير ڪرم علي خان ٽالپور زيارتن لاءِ 14 شعبان المعظم 1208هه/17 مارچ 1793ع تي ڪربلا روانو ڪيو. جڏهن مير فتح علي ٽالپور جي وفات (1217هه/1802ع) کانپوءِ مير غلام علي خان تخت نشين ٿيو، تڏهن ان به پنھنجي درٻار ۾ سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي کي اهو ئي مرتبو ڏنو ۽ ڪيتريون ئي سرڪاري ذميواريون ڏنيون. مير غلام علي خان جي دؤر حڪومت ۾ شھنشاهه ايران فتح علي شاهه قاچار وري ٻيھر سيد ميرزا اسماعيل کي وڪيل ڪري سنڌ موڪليو. سيد ميرزا اسماعيل پھريون دفعو مير فتح علي خان ٽالپور جي دؤر حڪومت ۾ سن 1214هه/1799ع ۾ سنڌ اچي چڪو هو.
دستور مطابق مير غلام علي پنھنجي عھد 1219هه/1804ع ۾ سيد ثابت علي شاهه ڪربلائيءَ کي پنھنجو سفير ڪري ايران موڪليو هو، گڏوگڏ مير صاحب ايران جي بادشاهه لاءِ ناياب تحفا جن ۾ گهوڙا، قلمي قرآن مجيد، قيمتي جواهر، جڙاؤ تلوارون ۽ شڪيلا (تلوار جي مياڻ ۾ ننڍو خنجر) وغيره پڻ موڪليا. هوڏانھن فتح علي شاهه قاچار، سيد ثابت علي شاهه کي سنڌ ڏي واپس اچڻ وقت مير غلام علي خان لاءِ پڻ ڪيترائي ناياب تحفا ڏنا، جن ۾:
(1) ڪاشان جا ريشمي دوشالا
(2) چيني جا منقش ڪاسا
(3) جڙاؤ هٿيار (تلوارون ۽ خنجر)
(4) مطلا قرآن مجيد
(5) حضرت علي بن موسيٰ الرضا عليه السلام جن جو خط ڪوفي ۾ لکيل قرآن مجيد، (جنھن جو پھريون اڌ مير غلام علي خان ٽالپور کي مليو، جيڪو ٽالپورن جي شاهي ڪُتب خاني ۾ اڃا تائين موجود آهي ۽ پويون اڌ فتح علي شاهه قاچار پاڻ وٽ رکيو، جيڪو هن وقت مشھد (ايران) جي رضويه ميوزيم ۾ موجود آهي).
(6) حضرت علي ابن ابي طالب عليه السلام جي قدمن وارو پٿر مبارڪ.
اهڙي طرح سيد ثابت علي شاهه سفارتي فرائض پورا ڪري جڏهن دارالحڪومت سنڌ ۾ آيو، تڏهن مير غلام علي خان اهي ناياب تحفا ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو.
مير غلام علي خان ٽالپور قدمن واري پٿر کي قلعي ۾ ايندڙ معزز مھمان جي زيارت لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيو. قلعي ۾ اندر چار مسجدون ۽ هڪ امام بارگاهه هئي. مير صاحب امام بارگاهه جي ڀر ۾ قدم شاهه نالي بارگاهه تعمير ڪرائي ان ۾ قدمن وارو پٿر نصب ڪرايو، جنھن جي زيارت قلعي ۾ مخصوص ايندڙ ماڻهو ڪندا هئا. جڏهن سنڌ جو حاڪم مير محمد نصير خان ٽالپر ٿيو تڏهن هن عوام جي اصرار تي قدمن وارو پٿر مبارڪ قلعي مان کڻائي پنھنجي تعمير ڪرايل امام بارگاهه (هوم اسٽيڊ هال جتي اڳ ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جو پڙ هو) جي ويجهو هڪ جدا ٻي بارگاهه ٺھرائي نصب ڪيو. انھي قدم گاهه واري بارگاهه جي مٿان هڪ وڏو گنبذ ۽ چئن ڪنڊن تي چار گنبذڙيون ٺھيل هيون، اندر ڀتين تي نقاشي جو نفيس ڪم ٿيل هو ۽ بارگاهه جي ڪاٺ واري دروازي تي چانديءَ جو پڙڇ چاڙهايو ويو هو. دروازي جي مٿان قرآن مجيد جي هي آيت تحرير ٿيل هئي.
ان الله و ملائڪتھ يصلون علي النبي يا ايهاالذين آمنو صلوا عليه وسلموا تسليما“
ميان غلام شاهه ڪلهوڙي واري پڙ کي مير نصير خان نئين سر تعمير ڪرائي هڪ بلند علم نصب ڪيو، جنھن کانپوءِ اهو ’مير نصير خان جو پڙ‘ جي نالي سان مشھور ٿيو. انگريزن پنھنجي دور حڪومت ۾ مير نصير خان ٽالپور واري پڙ جي جگهه تي قبضو ڪيو جنھن کان پوءِ 1870ع واري ڏهاڪي ۾ ڪليڪٽر جي حڪم سان حيدرآباد ميونسپالٽي انھي پڙ واري هنڌ ”هوم اسٽيڊ هال“ ٺھرايو، جتي موجوده وقت ’حسرت موهاني لائبريري‘ قائم ڪئي وئي آهي. 1843ع ۾ انگريزن جي فتح کانپوءِ مير صاحب قيد ٿي ڪلڪتي هليا ويا. جتان ڪجهه مير صاحب 1863ع ۾ آزاد ٿي واپس آيا. انھن ويھن سالن ۾ انگريزن ٽالپورن جي ثقافت کي ختم ڪرڻ جا سمورا حربا استعمال ڪيا ۽ بارگاهه قدم شاهه کي تمام گهڻو نقصان رسيو. انھي افراتفري واري دؤر ۾ ڪجهه شرپسند نامعلوم ماڻهو بارگاهه جي چانديءَ واري دروازي تي لڳل چاندي جو پڙڇ چوري ڪري ويا. 1863ع ۾ جڏهن مير حسن علي خان ٽالپور واپس سنڌ آيو ته بارگاهه قدم گاهه جي هي حالت ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيس ۽ هڪدم ان جي مرمت ڪرائي چانديءَ جي بدران ساڳوان جي ڪاٺ جو خوبصورت دروازو هڻايائين. ٽالپورن جي دؤر ۾ هن کي ”درگاهه قدم شاهه“ ڪري سڏيندا هئا پر هاڻ هن کي ”شاهه جا قدم“، ”مولا علي جا قدم“، يا ”قدم گاهه مولا علي“ ڪري سڏين ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو